ڀاران 1

ڀاران-1 (Bharan-I): سنڌو تهذيب سان واسطو رکندڙ هي ماڳ، هندستان جي صوبي هرياڻا، ضلعي روهتڪ، تعلقي ميهام جي ڳوٺ ڀاران ۾ واقع آهي. هي ماڳ ڳوٺ ڀاران کان 20 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي، جڏهن ته ضلعي هيڊڪوارٽر روهتڪ کان به ڀاران جو مفاصلو 20 ڪلوميٽر آهي. هتي ٻه قديم دڙا آهن. ڀاران-2 مان ملندڙ وٿون وچين تاريخي دور جون آهن. جڏهن ته ڀاران-1 نالي ماڳ، ڀاران ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ ڀاران-نندانا روڊ جي کاٻي ڪناري 500 ميٽرن جي پنڌ تي ''25'2776 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''25'2776 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي آهي، جيڪو دڙو هاڻي زرعي زمين ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن ماڳ جا هاڻي آثار 2 هيڪٽرن ۾ ڦهليل آهن، جن کي به هاڻي پوکي لائق بنائڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن. ماڳ واري هنڌ تان ملندڙ ٺڪراٺو پوئين سنڌو دور (Late Harappan period) سان واسطو رکي ٿو. هتان ٻه عقيق جا مڻيا مليا هئا. ٺڪراٺي سان گڏ ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا به مليا آهن. ماڳ 1989ع ۾ ڊاڪٽر سريندر ڳولي لڌو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو